ڪيترا سيڪڙو پاڪستاني سوشل ميڊيا سبب پريشان آهن؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) هڪ تازي سروي ۾ اِها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ايڪٽيهه سيڪڙو پاڪستاني سوشل ميڊيا جي وڌندڙ استعمال سبب پريشان آهن.
گيلپ پاڪستان طرفان جاري سروي موجب، 31 سيڪڙو پاڪستاني سوشل ميڊيا جي زندگين تي حد کان وڌيڪ اثر انداز ٿيڻ سبب پريشان آهن.
سروي موجب، 38 سيڪڙو پاڪستاني ان ڳالهه کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته سوشل ميڊيا استعمال سبب سندن زندگين تي ڪو به فرق نٿو پوي.
سروي ۾ اِهو به چيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا جي زندگين ۾ وڌندڙ عمل دخل سبب پريشان پاڪستانين جي شرح 39 ملڪن جي مجموعي راءِ کان گهٽ رهي.
سروي موجب، عالمي سطح تي پنجاهه سيڪڙو سوشل ميڊيا جي زندگين تي حاوي ٿيڻ جو چيو آهي، جڏهن ته وچ اوڀر ۾ 57 سيڪڙو ماڻهو سوشل ميڊيا جي زندگين تي وڌندڙ عمل دخل سبب پريشان نظر آيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.