ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن لاءِ چار سئو ملين ڊالرز جو قرض حاصل ڪيو جيڪو وفاق پنهنجي کيسي ۾ رکي ڇڏيو آهي.
ڪوئيٽا ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته وفاق جو حصو سنڌ کي ڏياريو وڃي، چار سئو ملين ڊالرز جو ورلڊ بئنڪ وارو قرض هجي يا سنڌ ۾ جاري ورلڊ بئنڪ جو رٿائون هجن يا وري يورپي يونين طرفان اعلانيل ست سئو ملين يوروز جي امداد هجي، اِها سموري فنڊنگ مون پرڏيهي وزير طور گڏ ڪئي ۽ وزيراعظم سان گڏ بيهي دنيا جي آڏو مدد جون ڳالهيون ڪيون.
هن چيو ته سنڌ ۾ ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان گهر ٺاهڻ ۽ روڊن جي بحالي جون رٿائون جاري آهن، هائوسنگ جو منصوبو سندس آهي جيڪو هن ورلڊ بئنڪ جي آڏو رکيو ۽ فنڊنگ جو بندوبست ڪيو جنهن جو مقصد بي گهر ماڻهن کي ٻيهر رهائش ڏيڻ هو، گڏوگڏ کين زمين جا مالڪاڻا حق به ڏيڻا هئا جنهن تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي اِهي پئسا ڪنهن وفاقي يا صوبائي بابو جي حوالي نه ڪيا، انهن پئسن جي حفاظت صوبائي پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ کاتو ڪري رهيو آهي.
سندس چوڻ هوته اسان منصوبي کي آئوٽ سورس ڪيو ته جيئن شفافيت رهي، منصوبي ۾ ورلڊ بئنڪ ۽ سنڌ حڪومت ٻنهي جي فنڊنگ آهي، ٻاهريان ملڪ واعدو پورو ڪري رهيا آهن اِهي سمورا واعدا اسان بلوچستان لاءِ پورا ڇو نٿا ڪري سگهون؟ اِها بلوچستان سان ناانصافي آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته چار سئو ملين ڊالرز جو اِهو قرض جيڪو هن عالمي بئنڪ کان حاصل ڪيو اهي ڊالرز وفاق پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيا ۽ اسان کي رپيو ڏئي رهيو آهي، ورهيه گذري ويا اڄ تائين وفاق ٻوڏ متاثرن لاءِ هڪ گهر به ناهي ٺاهيو، چاهيان ٿو ته وفاق ٻوڏ متاثرن کي اِها رقم پهچائي، اِهو ڪم ضرور ڪيو وڃي، سنڌ جي رٿابندي واري وزير سان گڏجي، ورلڊ بئنڪ کان پهريان صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ گهرجي.