بيروت (ويب ڊيسڪ) حزب الله جي سيڪريٽري جنرل حسن نصرالله جي شهادت کانپوءِ تنظيم جي عبوري سربراهه ۽ ڊپٽي چيف نعيم قاسم پنهنجي پهرئين خطاب ۾ مقصدن تان پوئتي هٽڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.
پنهنجي تقرير ۾ نعيم قاسم چيو ته اسان پنهنجو ليڊر ۽ ڀاءُ وڃايو آهي، جيڪو پنهنجي ويڙهاڪن سان پيار ڪندو هو.
هن چيو ته اسان دير ڪرڻ بدران جلد طريقي ڪار موجب پنهنجي نئين سربراهه جي چونڊ ڪنداسين ۽ لبنان جي حفاظت ۽ غزا جي حمايت جي مقصد تان پوئتي نه هٽنداسين.
سندس چوڻ هو ته اسان جون ڪارروائيون نه رڳو جاري رهنديون پر انهن ۾ واڌ ٿيندي، جيڪڏهن اسرائيل لبنان ۾ زميني ڪارروائي ڪري ٿو ته اسان ان لاءِ تيار آهيون، اسرائيل پنهنجي مقصدن ۾ ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندو.
Next Post
You might also like