جي ميل ۾ واهپيدارن جي تحفظ لاءِ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي، ٽيهه سپيٽمبر کان جي ميل ۾ نوان پاس ورڊ رولز لاڳو ٿي رهيا آهن، جنهن جو مقصد واهپيدارن جي پرائيويسي کي وڌيڪ تحفظ فراهم ڪرڻ آهي.
تازي اَپ ڊيٽ کانپوءِ گوگل طرفان اهڙين ايپس کي جي ميل اڪائونٽ تائين پهچ نه ڏني ويندي جيڪي ان کي گهٽ محفوظ محسوس ٿينديون.
انهن ۾ اهڙيون ٿرڊ پارٽي ايپس ۽ ڊيوائسز پڻ شامل آهن جيڪي لاگ اِن لاءِ يوزر نيم ۽ پاس ورڊ تي ڀاڙينديون آهن.
نئين اَپ ڊيٽ ذريعي گوگل طرفان لاگ اِن کي وڌيڪ محفوظ طريقيڪار تي منتقل ڪيو ويندو، ايندڙ ڪجهه هفتن دوران گوگل طرفان جي ميل سيڪيورٽي کي وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويندو جڏهن ته ونڊوز، ميڪ او ايس ۽ اينڊرائيڊ تي ڪروم برائوزر واهپيدارن لاءِ پاس ڪيز وارو فيچر متعارف ڪرايو ويندو.
اهڙي ريت ڪمپني طرفان هيڪرز جي حملن کان بچڻ لاءِ ڪوانٽم ڪرپٽو گرافي جي سهولت فراهم ڪئي ويندي.
گوگل طرفان جي ميل جي تازي اَپ ڊيٽ تي هڪ سال کان ڪم هلي رهيو هو، ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته يوزر نيم ۽ پاس ورڊ تي ٻڌل لاگ اِن جي پراڻي طريقيڪار کي ختم ڪيو وڃي ته جيئن اڪائونٽ تائين ٻين جي پهچ جو خطرو گهٽائي سگهجي.
ٽيهه سپيٽبر کان گوگل ورڪ اسپيس جي سمورن واهپيدارن کي لاگ اِن ٿيڻ لاءِ وڌيڪ محفوظ طريقيڪار اختيار ڪرڻو پوندو، نئين تبديلي سمورن گوگل ورڪ اسپيس اڪائونٽس تي لاڳو هوندي.
You might also like