لاهور (ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود چيو آهي ته شڪست کانپوءِ ٽيم ۾ ڦيرڦار ڪرڻ سولو آهي پر ٽيم جي مستقبل بابت سوچڻو آهي ته رانديگرن کي اعتماد ڏيڻو پوندو.
قومي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان لاءِ کيڏڻ جتي اعزاز آهي اتي تمام وڏي ذميواري پڻ آهي، شارٽ ٽرم ۽ لانگ ٽرم ٻئي ڳالهيون سامهون رکڻيون پونديون، وڏي ذميواري آهي ۽ ذميواري جو قدر به آهي، دٻاءُ سبب ڪڏهن ائين ناهي ٿيو ته راند خراب ڪري رهيو آهيان.
سندس چوڻ هو ته انگلينڊ خلاف سيريز جو وقت پاڪستان ٽيم لاءِ انتهائي اهم آهي، بنگلاديش جي خلاف سيريز جا نتيجا سٺا نه آيا، بنگلاديش خلاف سيريز ۾ ڪيئي ڀيرا اسان کي سرسي ملي پر فائدو نه کڻي سگهياسين.
هن چيو ته ٽيم ٺاهڻ لاءِ رانديگرن کي اعتماد ڏيڻو هوندو آهي، شڪست کانپوءِ ڦيرڦار ڪرڻ سولو آهي پر رانديگرن کي اعتماد ڏيڻو پوندو، رانديگرن کي شڪست جو افسوس آهي.
شان مسعود چيو ته چيمپيئنز ون ڊي ڪپ ۾ سڍي تيار ٿي، ٽورنامينٽ ذريعي فٽنس جو به پتو پيو، ڪپتان طور جڏهن ٽيم هارائيندي آهي ته برو لڳندو آهي، آئيڊيل شروعات ناهي ٿي، جڏهن هارائيندا آهيو ته احتساب ٿيندو آهي، بنگلاديش خلاف کوڙ غلطيون ڪيون جن مان سکڻو پوندو، ريڊ بال لاءِ ذهني ۽ جسماني فٽنس بهتر ڪرڻي پوندي، اسان جي فزيڪل ۽ مينٽل ڪنڊيشن دنيا جي ٻين ٽيمن جيان هئڻ گهرجي.
هن چيو ته عامر جمال انجري مان واپس اچي رهيو آهي، رانديگرن جي فٽنس کي ڏسندي في الحال هڪ ٽيسٽ لاءِ ٽيم ٺاهي آهي، رضوان کانپوءِ جيڪڏهن ڪو وڪيٽ ڪيپ رآهي ته اُهو سرفراز آهي، سرفراز فوري طور دستياب هوندو آهي، نوجوان وڪيٽ ڪيپر لاءِ لانگ ٽيم پاليسي اپلاءِ ڪندي آهي، وڪيٽ ڪيپنگ سان گڏوگڏ اوپنگ تي به ڪم ڪري رهيا آهيون.
قومي ٽيم جي ڪپتان چيو ته بابر اعظم دنيا جو ٽاپ بيٽر آهي، هو آئوٽ آف فارم نه آهي، بابر شروعات سٺي ڪري رهيو آهي پر رڳو بابر ئي نه سڀني کي بيڪ ڪرڻو آهي، ڪامران غلام پلان جو حصو آهي، هر رانديگر کي پورو وقت ڏيڻ چاهيون ٿا، زاهد محمود کي ضرورت پوڻ تي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته مڃيو ٿا 2024 ۾ سٺي ڪرڪيٽ نه کيڏي، جيڪڏهن رانديگرن کي بيڪ نه ڪنداسين ته ڪپتان طور تڪليف ٿيندي، جيڪڏهن منهنجي بيڪ ڪرڻ سان رانديگر فارم ۾ ايندا ته خوشي ٿيندي، رانديگر کي بيڪ ڪرڻ ۾ جيڪڏهن منهنجي جاءِ به ڀلي وئي ته ڏک نه ٿيندو، ايمانداري ۽ انصاف سان فيصلو ڪندس ته سڪون سان رهندس، ننڊ ڪري سگهندس، هي سڀ پاڪستاني ڪرڪيٽر آهن ڪنهن ٻئي ملڪ جا رانديگر ناهن.
شان مسعود وڌيڪ چيو ته فاسٽ بالر کي هميشه سپر فٽ رهڻو پوندو آهي، فاسٽ بالرن جو ورڪ لوڊ مئنيج ڪيو ويندو آهي، فاسٽ بالرن کي اِهو ئي چيو آهي ته تيز بالر ٽيم جو سپر فٽ هئڻ گهرجي، فاسٽ بالرن سان مسلسل رابطي ۾ آهيان، ڪرڪيٽ ۾ صورتحال موجب کيڏڻو پوندو آهي پر ٽيسٽ ڪرڪيٽ بالر وڌيڪ سٺي بالنگ ڪندا آهن.
Prev Post
You might also like