ملڪ ۾ سون سوين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ معمولي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون پنج سئو رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک پنجهتر هزار پنج سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 428 رپيا لاٿ بعد 2 لک 36 هزار 197 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت چار ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 2 هزار 6 سئو 53 ڊالرز آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.