اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح واري فيصلي تي نظرثاني اپيلن تي ٻڌڻي جسٽس منيب اختر جي عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ سبب ملتوي ڪئي وئي.
سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح واري فيصلي تي نظرثاني اپيلن تي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ، جسٽس امين الدين، جسٽس جمال مندو خيل ۽ جسٽس مظهر عالم عدالت جي ڪمري ۾ پهتا جڏهن ته جسٽس مينب اختر عدالت جي ڪمري ۾ نه آيو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسي اٽارني جنرل کي روسٽرم تي سڏائي ورتو ۽ رمارڪس ڏنا ته ڪيس جي حوالي سان لارجر بئنچ اڄ ٺهي هئي، ڪيس جو فيصلو ماضي ۾ پنج رڪني بئنچ ٻڌو هو.
جسٽس منيب اختر سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي خط لکيو آهي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسي جسٽس منيب اختر جو خط پڙهي ٻڌايو.
جسٽس منيب جي خط جو متن
جسٽس منيب اختر پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته هو ڪيس ٻڌڻ کان انڪار ناهي ڪري رهيو، هڪ ڀيرو بئنچ ٺهي وڃي ته پوءِ ڪيس ٻڌڻ کان معذرت رڳو عدالت ۾ ئي ٿي سگهي ٿي.
جسٽس منيب اختر لکيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي بئنچ جوڙي ڇڏي آحي، ڪميٽي جي جوڙيل بئنچ جو حصو نٿو بڻجي سگهان، بئنچ ۾ ويهڻ کان انڪار ناهيان ڪري رهيو، بئنچ جو حصو نه بڻجڻ تي غلط مطلب نه ڪڍيو وڃي، منهنجي خط کي نظرثاني ڪيس رڪارڊ جو حصو بڻايو وڃي.
ايڊيشنل اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ کان استدعا ڪئي ته سڀاڻي بئنچ هڪ ڀيرو ٻيهر ويهي جڏهن ته بئريسٽر علي ظفر ڪميٽي تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته ڪميٽي تڏهن ئي بئنچ جوڙِ سگهي جڏهن ٽئي ميمبر موجود هجن.
63 اي جو ڪيس انتهائي اهم آهي، جج جو ڪيس ٻڌڻ کان انڪار عدالت ۾ ٿيندو آهي: چيف جسٽس
چيف جسٽس پاڪستان رمارڪس ڏيندي چيو ته اهڙي خط کي عدالتي رڪارڊ جو حصو بڻائڻ جي روايت نه آهي، جسٽس منيب جو خط عدالتي فائل جو حصو نٿو بڻجي سگهي، مناسب ٿيندو ته جسٽس منيب اختر بئنچ ۾ اچي پنهنجي راءِ ڏئي، مون اختلافي راءِ جي هميشه حوصلا افزائي ڪئي آهي، نظرثاني ڪيس ٻن ورهين کان ٻڌڻي هيٺ آهي.
چيف جسٽس چيو ته 63 اي انتهائي اهم ڪيس آهي، جج جو ڪيس ٻڌڻ کان انڪار عدالت ۾ ٿيندو آهي، جسٽس منيب جي راءِ جو احترام ڪريون ٿا.
قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته قانون جي گهرج آهي نظرثاني اپيل تي ٻڌڻي اِها ئي بئنچ ڪري، اڳوڻي چيف جسٽس جي جاءِ مون پوري ڪئي، جسٽس اعجاز الاحسن جي جاءِ تي جسٽس امين الدين کي شامل ڪيو ويو، جسٽس منيب اختر کي درخواست ڪنداسين ته بئنچ ۾ ويهي.
چيف جسٽس، جسٽس منيب کي بئنچ ۾ شامل ٿيڻ جي درخواست ڪندي چيو ته جسٽس منيب اختر کي بئنچ ۾ واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين ٻي صورت ۾ بئنچ جي نئين سر جوڙ جڪ ڪئي ويندي.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اميد آهي ته جسٽس منيب اختر ٻيهر بئنچ ۾ شامل ٿي ويندو، جسٽس منيب اختر بئنچ ۾ شامل ٿئي ٿو يا نه، ٻنهي صورتن ۾ سڀاڻي ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي.
جيڪڏهن ڪو رڪن بئنچ جو حصو نٿو بڻجي ته سندس مرضي، عدالت ڪم ڪرڻ بند نٿي ڪري سگهي: چيف جسٽس
چيف جسٽس جو چوڻ هو ته نظرثاني ۾ هڪ اهم نڪتو آهي جيڪو عام طور تي گورننس کي متاثر ڪري رهيو آهي، جسٽس منيب اڄ به مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس منيب اختر ٽي روم ۾ به موجود هو، هڪ ڀيرو بئنچ ٺهي وڃي ته سموري ڪارراوئي عوامي جي آڏو ٿيڻ گهرجي، جسٽس منيب اختر جيڪڏهن نه آيو ته سڀاڻي ٻيو دستياب جج سندس جاءِ تي بئنچ جو حصو بڻايو ويندو.
سپريم ڪورٽ آرٽيل 63 اي تشريح واري فيصلي جي نظرثاني اپيلن تي ٻڌڻي سڀاڻي صبح ساڍي 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
جسٽس منيب جي آرٽيڪل 63 اي ڪيس ٻڌڻ کان معذرت، چيف جسٽس جو خط کي رڪارڊ جو حصو بڻائڻ کان انڪار
You might also like