پنجاب ۾ اليڪشن ٽربيونلز بابت اي سي پي جي اپيل منظور، لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ اليڪشن ٽربيونلز بابت اليڪشن ڪميشن جي درخواست منظور ڪندي لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ڪرڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو ٻڌايو ويو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ محفوظ ٿيل فيصلو پڙهي ٻڌايو، چيف جسٽس ٻڌايو ته جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس عقيل عباسي جو اضافي نوٽ آهي.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ جو فيصلو عدالتي نظر ۾ پيش نٿو ڪري سگهي، هاءِ ڪورٽ جي جج، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ چيف جسٽس جي ملاقات نه ٿيڻ کي ۾ نه رکيو، جيڪڏهن ملاقات نه ٿيڻ کي نظر ۾ رکي ها ته اهڙو فيصلو نه ڪيو وڃي ها.
عدالتي فيصلي موجب، تڪرار جڏهن آئيني ادارن بابت هجي ته محتاط رويو اختيار ڪرڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن اپيل ڪئي هئي ته اليڪشن ٽربيونلز جي جوڙجڪ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي، هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جا اختيار استعمال نٿي ڪري سگهي.
لاهور هاءِ ڪورٽ 12 جون تي پنجاب اليڪشن ٽربيونلز بابت فيصلو ٻڌايو هو، جنهن ۾ عدالت پنجاب ۾ 6 اليڪشن ٽربيونلز جوڙيا هئا، ٽربيونلز لاءِ ججن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، جنهن بعد اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو چئلينج ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.