” ڪيسن جي فيصلن جي پگهار ملندي آهي“ جسٽس منيب پاران ڪيس نه ٻڌڻ تي چيف جسٽس جا رمارڪس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس منيب اختر طرفان ڪيس جي ٻڌڻي کان انڪار تي رمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ ڪم ڪرڻ بند نٿي ڪري سگهي، اسان کي هتي رڳو ڪيسن جي فيصلا ڪرڻ جي پگهار ملندي آهي.
سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 63 اي تشريح واري فيصلي تي نظرثاني اپيلن تي ٻڌڻي دوران جسٽس منيب جي نه اچڻ تي چيف جسٽس چيو ته جسٽس منيب اختر کي درخواست ڪنداسين ته هو بئنچ جو حصو بڻجي.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته نظرثاني ۾ هڪ اهم نڪتو آهي جيڪو عام طور گورننس کي متاثر ڪري رهيو آهي، جسٽس منيب اڄ به مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي ۽ هو ٽي روم ۾ به موجود هو.
چيف جسٽس چيو ته هڪ ڀيرو بئنچ ٺهي وڃي ته سموري ڪارروائي عوام يج آڏو ٿيڻ گهرجي، جسٽس منيب اختر جيڪڏهن نه آيو ته سڀاڻي ٻئي موجود جج کي سندس جاءِ تي بئنچ جو حصو بڻايو ويندو.
جسٽي فائز عيسيٰ وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ جي قانون جي اِها نيت نه آهي ته آئيني حقن جا فيصلا نه ٿين ۽ سپريم ڪورٽ اسٽينڊسٽل ٿي وڃي، جيڪڏهن ڪو رڪن شامل نٿو ٿيڻ چاهي ته اِها سندس مرضي آهي، سپريم ڪورٽ ڪم ڪرڻ بند نٿي ڪري سگهي، هتي اسان کي رڳو ڪيسن جا فيصلا ڪرڻ جي پگهار ملندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.