آئيني ترميم لاءِ حڪومت وٽ نمبر پورا آهن: شرجيل ميمڻ

حيدرآباد (رپورٽر) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جيل ۾ ويهي ڪوشش ڪري رهيو  آهي ته ڏڦيڙ پکڙجي، جلسا ڪرڻ سڀني جو حق آهي پر وڏو وزير هٿيارن جي نمائش ڪري ٿو، ڀڃ ڊاهه ڪئي وڃي ٿي، پي ٽي آءِ جي سربراهه کي صادق ۽ امين ثاقب نثار چيو، سندس غير قانوني گهر کي ريگيولرائز ڪيو. حيدرآباد ۾ راول هائوس تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ عدليه جا ڪجهه ماڻهو قابض ٿيا، پارليامينٽ جو نقشو تبديل ڪيو، پنجاب ۾ اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي فيصلي پنجاب ۾ بي اعتمادي رٿ جو وجود ختم ڪري ڇڏيو. هن چيو ته چاهيون ٿا هر عدالت جو ڪم پنهنجو هجي، ان لاءِ آئيني ترميم ضروري آهي، حڪومت وٽ نمبر پورا آهن، جڏهن وڻي ترميم ڪري سگهون ٿا پر پ پ سڀني کي گڏ کڻي هلندي آهي، هر پارٽي تجويز ڏني آهي. هن چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رهي يا جسٽس منصور علي شاهه اسان کي ٻئي قبول آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.