ڪنڌڪوٽ ۾ ڌاڙيل راڄ جي خاتمي لاءِ ريلي

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ:ممتازسنڌي)ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ ڏوھارين پاران ھندو واپارين سميت معززين ۽ واپارين کي ڀتي لاءِ تنگ  ڪرڻ واري عمل خلاف آل پارٽيز موومينٽ  ۽ شھري اتحاد پاران پنجين  ڏينهن به احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي. شھري وڏي تعداد ۾ غنڊاگردي، بدمعاشي، ڌاڙيل راڄ خلاف نعريبازي ڪندا رهيا. ان موقعي  تي ميڊيا سان ڳالهائيندي دلمراد ڏاھاڻي، ڊاڪٽر ميھر چند، ظريت بجاراڻي، غلام مصطفيٰ ميراڻي، طارق خان باجڪاڻي، سجاد بروھي، والي ڏنو سنڌي، اشوڪ ڪمار سونارو، شاھه علي سھرياڻي، سنتوش اگروال ۽ ھريش لال سميت ٻين چيو ته ڪنڌڪوٽ شھر تباھي طرف وڃي رھيو آهي پر ھتان جي چونڊيل نمائندن ۽ پوليس جي مجرماڻي خاموشي آهي انھيءَ خاموشي سبب ضلعي جو معاشي قتل ٿي رھيو آهي جنهن ۾ واپاري ۽ سرمائيدار لڏي رھيا آهن باقي مسڪين ۽ غريب مجبوري ۾ رھن پيا جن جو گذر سفر به بند ٿي ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ڏوھارين ۽ ساٿارين خلاف ڀرپور آپريشن ڪري ضلعي جو امن امان بحال ڪرايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.