ڪانپور (ويب ڊيسڪ ) ڀارت ۽ هندو انتهاپسندن طرفان ڪانپور ۾ جاري ٻي ٽيسٽ ميچ دوران بنگلاديشي مداح کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي.
ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ ڪانپور ۾ جاري آهي، جتي پهرئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تائين بنگلاديش ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 107 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته مسلسل برسات سبب ٻئي ڏينهن جي راند نه ٿي سگهي.
چاچا پاڪستان جيان بنگلاديش جي هر ميچ ۾ کين سپورٽ ڪندڙ بنگلاديشي فين ٽائيگر روبي کي ڪانپر ٽيسٽ ميچ دوران هندو انتهاپسندن جي هڪ جٿي تشدد جو نشانو بڻايو .
واقعي جون وڊيوز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن جن ڀارتي ميزباني جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي.
ياد رهي ته ميچ کان اڳ هندو انتها پسند تنظيمن ڌمڪي ڏني هئي ته اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ بنگلاديش ۾ هندن تي ٿيندڙ ظلمن خلاف اسٽيڊيم جي ٻاهران احتجاج ويندو.
You might also like