سينيئر اڳواڻ نعيم قاسم حزب الله جو عبوري سربراهه مقرر

بيروت (ويب ڊيسڪ) لبناني مزاحمتي تنظيم حزب الله سينيئر اڳواڻ نعيم قاسم کي عبوري سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب نعيم قاسم نئين سربراهه جي چونڊ تائين حزب الله جا معاملا سنڀاليندو.
رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته هاشم صفي الدين حزب الله سربراهه چونڊجڻ جا چٽا امڪان آهن، هو شهيد حسن نصرالله جو ماسات ۽ ناٺي به آهي.
رپورٽن موجب نعيم قاسم حزب الله شوريٰ ڪميٽي جو مسلسل 3 ڀيرا رڪن رهي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.