ايشوريا جي ڌيءَ جون سلمان خان سان تصويرون وائرل، حقيقت ڇا آهي؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ )اڳوڻي سونهن راڻي ۽ بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا ايشوريا راءِ جي نياڻي آراڌيا بچن جون اداڪار سلمان خان سان گڏ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن.
سوشل ميڊيا تي وائرل تصويرن ۾ اداڪارا ايشوريا راءِ ۽ اڀيشيڪ بچن جي ڌيءَ آراڌيا کي سلمان خان سان گڏ بيٺل ۽ ڀاڪر پائيندي ڏسي سگهجي ٿو، هڪ تصوير ۾ سلمان ۽ آراڌيا سان گڏ ايشوريا راءِ به نظر اچي رهي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، سلمان خان ۽ آراڌيا جون تصويرون هڪ اهڙي تقريب جون آهن جنهن ۾ سلمان خان به شرڪت ڪئي ۽ ايشوريا راءِ به پنهنجي ڌيءَ سان گڏ موجود هئي.
مختلف سوشل ميڊيا واهپيدارن تصويرن کي حقيقي سمجهي تعريف ڪئي پر جلد ئي اِها ڳالهه سامهون آئي ته سلمان خان ۽ آراڌيا بچن جون تصويرون جعلي آهن، ٻنهي جون تصويرون هن وقت تائين لکين ماڻهو ڏسي ۽ شيئر ڪري چڪا آهن.
ياد رهي ته سلمان خان ۽ ايشوريا 1999ع ۾ رليز ٿيل فلم ” هم دل دي چڪي صنم “ گڏ ڪم ڪيو جتان ٻنهي ۾ ويجهڙايون وڌڻ لڳيون ۽ ڳالهه شادي تائين وڃي پهچي وئي هئي، پر ايشوريا سلمان خان سان لاڳاپا ختم ٿيڻ کانپوءِ اميتاڀ بچن جي پٽ اداڪار اڀيشيڪ بچن سان شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس هڪ نياڻي آراڌيا جو اولاد آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.