لاهور (و يب ڊيسڪ ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 کان کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي جي چيئرمين محسن نقوي جي بورڊ آف ڪنٽرول فار ڪرڪيٽ اِن انڊيا ( بي سي سي آءِ ) جي سيڪريٽري ۽ انٽرنيشل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي سربراهه جئه شاهه سان ملاقات جو امڪان آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، ٻنهي بورڊز جا سربراهه آڪٽوبر ۾ آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فائنل ميچ دوران ملاقات ڪندا، ميگا ايونٽ ايندڙ مهيني گڏيل عرب رياستن ۾ شيڊيول آهي.
ان کانسواءِ رپورٽس ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ لاجسٽڪ انتظامن جي تصديق لاءِ چيمپيئنز ٽرافي جي شيڊيول جي حتمي منظوري جو انتظار ڪري رهيو آهي.
آءِ سي سي اختيارين سان تازي ميٽنگ دوران پي سي بي ايونٽ جي تيارين کي يقيني بڻائڻ سميت جلد کان جلد شيڊيول فائنل ڪرڻ تي زور ڏنو هو.
ذريعن موجب، آءِ سي سي طرفان آڪٽوبر جي آخر تائين چيمپيئنز ٽرافي جي شيڊيول جي حوالي سان باظابطا اعلان جو امڪان آهي.
واضح رهي ته ڀارتي ٽيم آخري ڀيرو 2008 ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو، جنهن کانپوءِ بي سي سي آءِ طرفان مختلف بهانا بڻائي ايونٽ جي رستا روڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 2012 ۾ آخري ڀيرو گڏيل سيريز کيڏي وئي هئي.
ان کانسواءِ پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2016 ۽ ون ڊي ورلڊ ڪپ 2023 لاءِ ڀارت جو دورو ڪري چڪو آهي، هاڻ چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني پاڪستان وٽ آهي جڏهن ته ڀارتي بورڊ پنهنجي ٽيم موڪلڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي جنهن سبب ايونٽ جو شيڊيول اڃا تائين منظرِعام تي نه اچي سگهيو آهي.
You might also like