” بابر جي ڪپتاني چيمپيئنز ٽرافي تائين برقرار نه رهندي“

لاهور (ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپننگ بيٽر احمد شهزاد دعويٰ ڪئي آهي ته بابر اعظم چيمپيئنز ٽرافي 2025ع تائين ڪپتان برقرار نه رهندو.
پنهنجي يوٽيوب چئنل تي قومي ٽيم جي اوپنر احمد شهزاد انڪشاف ڪيو ته بابر اعظم پاڻ ڪپتاني نه ڇڏي ته کيس بورڊ برطرف ڪري ڇڏيندو.
هن چيو ته بابر اعظم چيمپيئنز ٽرافي تائين ڪپتان برقرار نه رهندو، وائيٽ بال هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن ميگا ايونٽ کان اڳ وڏين تبديلين جو مطالبو ڪري چڪو آهي ۽ اِهو ئي اڳتي وڌڻ جو صحيح رستو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.