اوهان به گوگل جي نئين اَپ ڊيٽس ذريعي ماضيءَ ۾ جهاتي پائي سگهو ٿا

گوگل ميپس ۽ ارٿ ۾ نيون اَپ ڊيٽس ڪيون ويون آهن ته جيئن واهپيدارن کي تبديل ٿيندڙ دنيا کي سمجهڻ ۾ مدد ملي سگهي.
ڪمپني طرفان هڪ بلاگ پوسٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گوگل ميپس جي اسٽريٽ ويو ۾ هڪ اَپ ڊيٽ ڪئي وئي آهي.
اَپ ڊيٽ کانپوءِ واهپيدار اسي ملڪن ۾ اسٽريٽ ويو وڌيڪ تفصيل سان ڏسي سگهندا جنهن ذريعي کين گهر ۾ رهندي مختلف ماڳ ڏسڻ ۾ مدد ملندي.
ان لاءِ گوگل طرفان نئين ڪئمرا ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪيو ويو آهي.
ڪمپني موجب، مختلف ملڪن ۾ ميپس اسٽريٽ ويو کي اَپ ڊيٽ ڪيو پيو وڃي ته جيئن بهتر ورچوئل نظارو ڪرڻ ممڪن ٿي وڃي.
گوگل طرفان گوگل ارٿ ۾ اَپ ڊيٽ جاري ڪئي وئي آهي جنهن تحت واهپيدار تمام جلد اسان جي سياري( ڌرتي ) جي ماضيءَ ۾ جهاتي پائي سگهندا.
ان لاءِ HISTORICAL IMAGERY نالي فيچر گوگل ارٿ جي ويب ورزن ۾ متعارف ڪرايو ويندو،جنهن جي مدد سان واهپيدار گذريل اسي ورهين جي سيٽلائيٽ ۽ هوائي تصويرون ڏسي سمجهي سگهندا ته اسان جي سياتي تي اٺ ڏهاڪن دوران ڪهڙي تبديلي آئي آهي.
گوگل طرفان هڪ ٻي اَپ ڊيٽ بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو آهي، جنهن تي گوگل ميپس ۽ ارٿ تي تصويرن جو معيار آرٽيفيشل انٽيليجنس ( اي آءِ ) ٽيڪنالوجي جي مدد سان بهتر بڻايو پيو وڃي، هاڻ انهن سروسز جو سافٽ ويئر ڪڪرن، ڪوهيڙي ۽ ٻين شين کي وڌيڪ بهتر طريقي سان سمجهي سگهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.