تاريخ جي بلند ترين سطح کي ڇُهڻ کانپوءِ سون جي اگهه ۾ لاٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي چڪي، جڏهن ته اڄ سون جي اگهه ۾ معمولي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ ٽي سئو رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ في تولو سون 2 لک 76 هزار 7 سئپ رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 256 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 37 هزار 226 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس جي قيمت ٻه ڊالر لاٿ بعد 2 هزار 6 ڇهه سئو 63 ڊالرز آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.