دپيڪا آسٽريليا تائين يووراج جي پويان لڳي آئي؟ ڪرڪيٽر جو انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي آل رائونڊر يووراج سنگهه 2007ع ۾ پيش آيل هڪ دلچسپ واقعي جا تفصيل ٻڌائيندي چيو آهي ته ان زماني ۾ هڪ بالي ووڊ اداڪارا سندس گرل فرينڊ هئي، جيڪا هاڻ مشهور شخصيت بڻجي چڪي آهي، منهنجي انڪار باوجود پيڇو ڪندي آسٽريليا اچي نڪتي هئي.
اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر يووراج سنگهه مائيڪل وان سميت ٻين اڳوڻن ڪرڪيٽرن سان گڏ هڪ پوڊ ڪاسٽ انٽرويوءَ ۾ شرڪت ڪئي جنهن دوران هن ماضي جو هڪ يادگار قصو ٻڌايو.
يووراج سنگهه چيو ته هو اداڪارا جو نالو نه کڻندو پر اِهو قصو ضرور ٻڌائيندو.
يووراج سنگهه چيو ته انهن ڏينهن ۾آئوٽ آف فارم هئس، جنهنڪري ڏاڍو پريشان هئس، هوءَ ( اداڪارا ) ايڊيليڊ ۾ شوٽنگ ۾ رڌل هئي جڏهن ته مان ڪينبرا ۾ پريڪٽس ڪري رهيو هئس.
اڳوڻي ڪرڪيٽر پنهنجي گرل فرينڊ يعني اداڪارا کي چيو ته اسان کي في الحال نه ملڻ گهرجي، هن وقت مان پنهنجي راند تي ڌيان ڏيڻ چاهيان ٿو پر هوءَ نه مڙي ۽ بس ۾ ڪينبرا تائين پنهنجي پويان لڳي آئي .
يووراج چيو ته اسان ٻئي هوٽل ۾ رات جو ملياسين، مان کيس سمجهايو ته توکي پنهنجي ڪيريئر تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ مون کي پنهنجي، ٽيم کي صبح ڪينبرا کان ايڊيليڊ روانو ٿيڻو هو، هن منهنجو بيگ اڳواٽ ئي پيڪ ڪري ٽيم سان گڏ موڪلي ڇڏيو.
اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته جڏهن مان صبح اٿيس ته چيو ته منهنجا جوتا ڪاڏي ويا؟ جنهن هن چيو ته مان پيڪ ڪري سامان موڪلي ڇڏيو، مان پريشان ٿي ويس هاڻي بس تائين ڪيئن پهچندس، مون وٽ بس تائين پهچڻ لاءِ رڳو ويهه منٽن جو وقت هو.
يووراج موجب پوءِ هن مون کي پنهنجي جوتن جي آڇ ڪئي ۽ مان سندس گلابي جوتا پائي بس تائين پهتس، انکانپوءِ هوائي اڏي تان مون ٻيا جوتا خريد ڪيا.
پوڊ ڪاسٽ انٽرويو وائرل ٿيڻ تي واهپيدارن اداڪارا جو نالو دپيڪا پاڊڪون ٻڌايو، ڀارتي ميڊيا موجب، يوراج سنگهه ماضيءَ ۾ دپيڪا پاڊڪون کي ڊيٽ ڪري چڪو آهي.
ان عرصي دوران ڪيئي ڀيرا ٻنهي کي گڏ ڏٺو ويو، جنهن کانپوءِ ترت پوءِ دپيڪا اوم شانتي اوم ( 2007) ذريعي ڊيبيو ڪيو، دپيڪا پنهنجي ٻي فلم بچنا اي حسينو 2008 ۾ آسٽريليا شوٽ ٿي هئي.
واضح رهي ته يووراج سنگهه جي شادي بالي ووڊ اداڪارا هيزل ڪيچ سان ٿي، جوڙي کي ٻن ٻارن جو اولاد پڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.