شبلي فراز جي اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ بابت درخواست، عدالت وڏو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز جو نالو هڪ هفتي اندر اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ شبلي فراز جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ واري معاملي تي توهينِ عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته شبلي فراز جو نالو هڪ هفتي اندر اي سي ايل مان ڪڍيو وڃي.
ٻڌڻي دوران جسٽس طارق محمود جهانگيري چيو ته عدالتي حڪم تي عملدرآمد نه ٿيو ته گهرو سيڪريٽري ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿئي.
واضح رهي ته شبلي فراز طرفان عدالتي حڪم تي اي سي ايل مان نالو نه ڪڍڻ تي توهينِ عدالت جي درخواست داخل ڪئي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.