ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ ۾ عوام امن خاطر ٻئي ڏينهن تي به اڇا جھنڊا کڻي روڊن تي نڪري پيا، عوامي سمنڊ جو پريس ڪلب کان گھنٽا گھر تائين ڀتاخوري ۽ بدامني خلاف مارچ ڪري نعريبازي ڪئي.انھيءَ موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي ۽ ريلي کي خطاب ڪندي ايس يو پي ضلعي صدر دلمراد ڏاھاڻي، شھري اتحاد جي صدر ڊاڪٽر ميھر چند، صرافا يونين جي صدر حاجي حضور بخش مغل، جماعت اسلامي جي ضلعي امير غلام مصطفيٰ ميراڻي، پي ٽي آءِ اڳواڻ عبدالعزيز سومرو، شعبان جکراڻي، ھندو پنجائت جي ھريش ڪمار، ڊاڪٽر صوفي سريش ڪمار، قومي عوامي تحريڪ جي سجاد بروھي، مزدور يونين جي مير طارق باجڪاڻي، شمن علي باجڪاڻي، جسم جي ڪامريڊ عباس، ايس يو پي جي ظريت ساگر بجاراڻي، شاھنواز مرھيٽو، شھري اتحاد جي اشوڪ ڪمار سونارو، عبدالفتاح مغل، مولوي محمد ابراھيم خاڪي، مولوي فرحان مغل، قمرالدين سھرياڻي، سنتوش اگروال، نظير سومرو ۽ ٻين چيو ته ڪنڌڪوٽ شھر جي امن خاطر اسين روڊ رستن تي نڪتا آهيون ڏوھارين جي عذاب سبب ضلعي جو ڪاروبار سخت متاثر ٿي رھيو آھي، شھر جي ڪافي واپارين کان ڀتو ورتو ويو آهي ۽ ڀتي لاءِ ھاڻي به تنگ ڪيو پيو وڃي، پوليس مڪمل خاموش تماشائي بڻيل آهي جنهن مان لڳي ٿو ته پوليس ڏوھارين جي ساٿاري بڻيل آهي، هنن اعليٰ اختيارين ۽ واڳ ڌڻين کان مطالبو ڪيو ته ڪنڌڪوٽ کي امن ڏئي ڀتاخوري ۽ غنڊاگردي جو خاتمو آڻي عوام کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.