وزيراعظم جي ايراني صدر سان ملاقات، اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان وچ ۾ ملاقات دوران گڏيل فلسطين، لبنان مسئلي سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان ملاقات ٿي.
ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ بهتر پاڙيسري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ سان گڏوگڏ گڏيل فائديمند سهڪار جي ضرورت تي زور ڏنو.
وزيراعظم ٻه طرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ ايران سان رابطا ۽ ثقافتي لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو.
وزيراعظم غزا ۾ فوري جنگ بندي، فلسطين ۽ لبنان خلاف جاري اسرائيلي جارحيت جي خاتمي جو مطالبو ڪيو.
ملاقات ۾ ايران پاڪستان گڏيل حمايت ۽ ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجايو ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.