ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ميرپور ساڪري ۾ چونا پٿر جي کوٽائي سبب بيماريون پکڙجڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي ڪول مائن اينڊ منرل اختيارين تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڊائريڪٽر پيش ڇو نه ٿيو آهي، ڇا هو بيمار آهي؟ عدالت ڊپٽي ڊائريڪٽر کان پڇاڻو ڪيو ته جتي مائن جا منصوبا آهن، اتي فلاحي ڪمن لاءِ ڪيترا فنڊ گڏ ٿيا؟، جنهن تي ڊپٽي ڊائريڪٽر عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيو. جسٽس صلاح الدين پنهور پڇاڻو ڪيو ته توهان ڪيترن سالن کان ڪم ڪري رهيا آهيو؟، ڊپٽي ڊائريڪٽر چيو ته مان 9 سالن کان ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪول مائينگ آهيان، جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته توهان 9 سالن کان ڪم ڪري رهيا آهيو، توهان کي ڪانٽريڪٽ جي به خبر ناهي. ان دوران عدالت ۾ مائنز ۽ منرل واري کاتي پاران رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪول مائننگ جي ٺيڪن مان 25 ارب مليا آهن، عدالت پڇاڻو ڪيو ته 25 ارب ڪٿي جمع ٿيا ۽ ڪٿي خرچ ٿيا آهن؟ سرڪاري وڪيل چيو ته رقم فنانس کاتي ۾ جمع ڪرائي وئي آهي، جسٽس صلاح الدين پنهور پڇاڻو ڪندي چيو ته ٻڌايو ته ان رقم مان ڪيتري رقم عوام جي ڀلائي لاءِ خرچ ڪئي وئي آهي؟ ان رقم سان ڪيترين مقامي ٻارن کي اسڪالرشپ ڏني وئي، جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته توهان اتي آرٽيفيشل انٽيليجنس جا ڪيترا ڪاليج ٺاهيا آهن؟ ٻڌڻي دوران جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته مائينگ سبب ماڻهو ڪينسر ۽ اسٿما جي مرض ۾ مري رهيا آهن. درخواستگذار چيو ته ميرپور ساڪري ۾ جيڪا به زمين آهي اها کوٽائي سبب تباهه ٿي وئي آهي. عدالت چيو ته اسان کي خبر آهي ته ماڻهو ساھه جي تڪليف سبب مري رهيا آهن. عدالت ڊپٽي ڊائريڪٽر کان پڇاڻو ڪيو ته توهان ڪٿي رهندا آهيو، توهان اتي ته نه رهندا آهيو جتي مائننگ ٿيندي آهي. جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته ڇا توهان ڪجهه وقت اتي رهندا، ڇا توهان اتي رهڻ چاهيو ٿا ۽ مرڻ چاهيو ٿا؟ جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته توهان پنهنجي ٻارن کي سرڪاري اسڪول ۾ به نه ٿا پڙهايو ٿا، توهان سروس اسپتال مان به علاج نه ٿا ڪرايو. درخواستگذار چيو ته ميرپور ساڪرو جي ولي کٽيار ڳوٺ ۾ چونا پٿر جي کوٽائي ڪئي پئي وڃي، 5 سالن جو معاهدو هو جيڪو مڪمل ٿي ويو آهي پر پٿر اڃا به کنيو پيو وڃي. کوٽائي سبب ماڻهن ۾ بيماريون پکڙجڻ شروع ٿي ويون آهن.