ايم ڊي ڪيٽ نتيجن جي حوالي سان شاگردن لاءِ اهم خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي کي ايم ڊي ڪيٽ جا نتيجا جاري ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي.
جسٽس ارباب محمد طاهر شاگردن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت چيو ته ايم ڊي ڪيٽ جو نتيجو عدالت جي حتمي آرڊر سان مشروط هوندو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي کي ايم ڊي ڪيٽ جا نتيجا جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو.
جسٽس ارباب محمد طاهر 3 صفحن تي ٻڌل لکت حڪم جاري ڪيو هو ۽ چيو هو ته يونيورسٽي ايندڙ حڪم تائين ٽيسٽ جا نتيجا جاري نه ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.