ڪانپور (ويب ڊيسڪ ) عظيم بنگلاديشي آل رائونڊر ۽ اڳوڻي ڪپتان شڪيب الحسن ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
بنگلاديشي ٽيم اڄڪلهه ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ ڀارت جي دوري تي موجود آهي، ڪانپور ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ کان اڳ شڪيب الحسن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هلندڙ سال جون ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ هو مختصر فارميٽ ۾ بنگلاديش لاءِ پنهنجي آخري ميچ کيڏي چڪو آهي.
شڪيب الحسن موجب، آڪٽوبر ۾ ڍاڪا ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف شيڊيول ٽيسٽ سندس ڪيريئر جي آخري ٽيسٽ ميچ هوندي، ٽي ٽوئنٽي سيريز کانپوءِ هو ان فارميٽ تان به رٽائر ٿي ويندو.
واضح رهي ته ڏکڻ آفريڪا بنگلاديش ۾ جاري سياسي ڇڪتاڻ سبب هنيئر تائين پنهنجي ٽيم کي سيريز لاءِ سيڪيورٽي ڪليئرنس ناهي ڏني.
جيڪڏهن ڏکڻ آفريڪا بنگلاديش جو دورو نه ڪيو ته جمعي کان ڪانپور ۾ شروع ٿيندڙ ڀارت جي خلاف ٽيسٽ شڪيب الحسن جي آخري ٽيسٽ هوندي پر امڪان آهي ته ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ سيريز شيڊيول موجب ٿيندي.
ان کانسواءِ شڪيب الحسن اِهو با تصديق ڪئي ته ايندڙ سال پاڪستان ۾ شيڊيول چيمپيئنز ٽرافي کانپوءِ هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ تان به رٽائر ٿي ويندو.
شڪيب الحسن چيو ته مان ان فيصلي تي خوش آهيان، پنهنجي زندگي ۾ ڪو به پڇتاءُ ناهي، بنگلاديش ۽ عالمي ڪرڪيٽ کي الوداع چوڻ جو هي صحيح وقت آهي.
ياد رهي ته شڪيب الحسن ستر ٽيسٽ ميچن ۾ بنگلاديش جي نمائندگي ڪئي ۾ هن 4600 رنسون ٺاهيون ۽ 242 وڪيٽون حاصل ڪيون.
ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ هن 129 مقابلن ۾ بنگال ٽائيگرز جي نمائندگي ڪندي 2551 رنسون ٺاهيو ۽ 149 وڪيٽون پڻ ورتيون
ان کانسواءِ شڪيب الحسن بنگلاديش لاءِ 247 هڪ ڏينهن واريون ميچون پڻ کيڏي چڪو آهي.
You might also like