اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي قانون بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ پنجاب کي ٻن صوبن ۾ ورهائڻ جي آئيني ترميمي بل تي غور ڪيو ويو.
فاروق ايڇ نائيڪ جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ پنجاب کي ٻن صوبن ۾ ورهائڻ جي آئيني ترميم جي بل تي غور ٿيو، سينيٽر عون عباس چيو ته وڏو صوبو هجڻ سبب وسيلن جي ورهاست برابر ناهي، رحيم يار خان کان لاهور جو فاصلو 800 ڪلو ميٽر آهي، ڏکڻ پنجاب جي عوام کي مسئلن جي حل لاءِ لاهور جو ڏکيو سفر ڪرڻو پوندو آهي.
جي يو آءِ سينيٽر مخالفت ڪندي چيو ته صوبن جي ورهاست ايراضي موجب ڪرڻ درست ناهي، جڏهن ته ن ليگ سينيٽر انوشه تجويز پيش ڪئي ته ان بل کي واپس ورتو وڃي.
ان موقعي تي عون عباس چيو ته پنجاب جي ورهاست جي ڳالهه تي ن ليگ کي تڪليف ٿيندي آهي.
پوءِ بل تي غور ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪيو ويو.
You might also like