اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن واري معاملي تي سپريم ڪورٽ ۾ نئين درخواست داخل ڪندي فيصلي بابت رهنمائي گهري ورتي آهي.
اليڪشن ڪميشن جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر خط لکيو ته عدالتي فيصلي کانپوءِ اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم ٿي.
اليڪشن ڪميشن پنهنجي درخواست ۾ سوال ڪيو ته اليڪشن ترميمي ايڪٽ کي اهميت ڏني وڃي يا عدالتي فيصلي کي؟ رهنمائي ڪئي وڃي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن مان ڊي نوٽيفاءِ ٿيندڙ ميمبر به ترميمي قانون تي عملدرآمد لاءِ رابطو ڪيو، عدالتي فيصلي تي 39 ميمبرن جي حد تائين اليڪشن ڪميشن عملدرآمد ڪري چڪو آهي.
اليڪشن ڪميشن منهنجي درخواست ۾ چيو ته عدالتي فيصلي واضح آهن ته پارليامينٽ جي دانش جو جائزو نٿو وٺي سگهجي، عدالتي فيصلن کي نظر ۾ رکندي ترميمي ايڪٽ تي عملدرآمد نه ڪرڻ به سواليا نشان هوندو.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق طرفان چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکيو هو جنهن ۾ چيو ويو هو ته پارليامينٽ جي خودمختياري قائم رکندي اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل موجب مخصوص سيٽون الاٽ ڪيون وڃن.