ڪينبرا ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريليا جي ليجنڊري بيٽر گريگ چيپل وٽ موجود واحد بيگي گرين ڪيپ گم ٿي وئي،جنهن تي اڳوڻي ڪينگروز ڪپتان ڏُک جو اظهار ڪيو آهي،
آسٽريليا جي اڳوڻي ڪپتان گريگ چيپل هڪ انٽرويوءَ دوران بيگي گرين ڪيپ جي گم ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو.
هن چيو ته هنن ڏهن سالن تائين هڪ هنڌ سامان رکيو هو، جنهن ۾ اِها ڪيپ به موجود هئي، جڏهن ايڊيليڊ منتقل ٿيڻ وارا ان دوران ڏٺو ته ڪيپ سامان ۾ نه هئي.
سندس چوڻ هو ته هو نه ٿو ڄاڻي ته ڇا ٿيو آهي پر هو ڏکارو آهي، اِها سندس لاءِ هڪ يادگار شئي هئي جيڪا هاڻ وٽس نه آهي.
گريگ چيپل کي ڪيريئر دوران هڪ کان وڌيڪ بيگي گرين ڪيپ مليو، هڪ ڪيپ هن جيفري بائيڪات کي تحفي طور ڏني جنهن جي پندرنهن هزار ڊالرز ۾ نيلامي ٿي، گريگ چيپل وٽ هن وقت اها واحد بيگي گرين ڪيپ هئي جيڪا گم ٿي چڪي آهي.
گريپ چيپل ستر ۽ اسي واري ڏهاڪي ۾ ستاسي ٽيسٽ ميچن ۾ آسٽريليا جي نمائندگي ڪئي جنهن ۾ هن چويهه سينچريون اسڪور ڪيون.
بيگي ڪيپ ڇا آهي ۽ ڇو ملندي آهي؟
بيگي گرين ڪيپ هڪ سائي رنگ جي ٽوپي آهي جيڪا آسٽريليا جي ٽيسٽ ڪرڪيٽرز کي ويهين صديءَ کان ئي هڪ روايت طور ڏني ويندي آهي، آسٽريلوي ڪرڪيٽرن لاءِ بيگي گرين تمام گهڻي اهميت رکندڙ آهي.
You might also like