مالم جبه واقعي جي مذمت، پرڏيهي سفيرن جي دوري جو اطلاع نه ڏنو ويو هو: پرڏيهي کاتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ سوات جي سياحتي ماڳ مالم جبه ۾ پيش آيل واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پرڏيهي سفيرن جو اسلام آباد وارو دورو چيمبر آف ڪامرس طرفان آرگنائيز ڪيو ويو هو، پرڏيهي وزارت کي دوري بابت اطلاع نه ڏنو ويو.
واضح رهي ته مالم جبه ۾ 22 سپٽيمبر تي پرڏيهي سفيرن جي قافلي تي حملو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ ٽي زخمي ٿي پيا هئا، واقعي ۾ سفيرن محفوظ رهيا هئا.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ هفتيوار بريفنگ دوران مالم جبه واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته پرڏيهي سفيرن جو اسلام آباد وارو دورو چيمبر آف ڪامرس آرگنائيز ڪيو هو، ڪجهه سفيرن انفرادي طور پنهنجي سفر بابت آگاهه ڪيو هو، جنهن کانپوءِ پرڏيهي کاتي ڪي پي حڪومت کي آگاهه ڪيو پر چيمبر آف ڪامرس طرفان پرڏيهي کاتي کي دوري بابت ڪنهن به قسم جي معلومات فراهم نه ڪئي وئي جنهن تي جاچ جاري آهي.
ترجمان موجب، او آءِ سي جي ڄمون ۽ ڪشمير جي رابطا گروپ جو اجلاس گڏيل قومن جي اجلاسن جي سائيڊ لائين اجلاسن ۾ ڪالهه ٿيو، بچاءَ واري وزير خواجا آصف اجلاس کي بريفنگ ڏني.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، اجلاس ۾ رابطا گروپ ڀارت کان ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، ترڪي جي سفيرن ڪشمير معاملي تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي.
ترجمان موجب، پاڪستان ايران ويجها پاڙيسري آهن، ٻنهي ملڪن ۾ رابطا جا مختلف چئنلز موجود آهن، يقين رکون ٿا ته ڳالهين ذريعي ٻئي ملڪ پنهنجي عوام جي خوشحالي لاءِ ڪم ڪري سگهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.