حريم شاهه جي برطانوي سياست ۾ انٽري، پارٽي جي اميدن تي پورو لهنديس: ٽِڪ ٽاڪر

لنڊن (ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني ٽِڪ ٽاڪر حريم شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته هن سياسي پارٽي لبرل ڊيموڪريٽس ذريعي برطانوي سياست ۾ قدم رکي ڇڏيو آهي.
هلندڙ سال مارچ ۾ هڪ انٽرويوءَ دوران حريم شاهه ٻڌايو هوته هوءَ سياست ۾ اچي وئي آهي ۽ مستقبل ۾ برطانوي پارليامينٽ جي رڪن بڻجڻ جو ارادو رکي ٿي.
تازو هڪ بيان ۾ حريم شاهه چيو ته هن بظابطا طور برطانوي سياست ۾ قدم رکي ڇڏيو آهي، ويجهڙائي ۾ ٿيل چونڊن دوران هن لبرل ڊيموڪريٽس لاءِ چونڊ مهم پڻ حصو ورتو.
حريم شاهه چيو ته هوءَ برطانيا ۾ لبرل ڊيموڪريٽس جي ٿورائتي آهي، جن مٿس اعتماد ۽ پنهنجي پارٽي جو حصو بڻايو.
سندس چوڻ هو ته هوءَ پارٽي جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندي، برطانيا ۾ رهندي پنهنجو بهتر ڪردار ادا ڪندي.
حريم شاهه اِهو به چيو ته حقيقت ۾ هوءَ پاڪستاني آهي ۽ پاڪستاني طور برطانوي پارليامينٽ ۾ ويهي ڪري سياسي پارٽي لاءِ ڪجهه ڪرڻ سندس لاءِ هڪ وڏي ڪاميابي آهي، پارٽي ۾ سندس ٻيا دوست پڻ ڪم ڪري رهيا آهن ان کانسواءِ ماضي ۾ پارٽي لاءِ ڪيئي پاڪستاني ڪم ڪري چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.