اسلام آباد (و يب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي تي جسٽس منصور علي شاهه جي موقف جي حميات ڪري ڇڏي.
پي ٽي آءِ باني اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن بابت فيصلي سان سڀ واضح ٿي ويو، چيف اليڪشن ڪمشنر جانبدار امپائر ئي نه پر سندن ٽيم جو اوپننگ بيٽر آهي، قاضي عيسيٰ ٻيو بيٽر آهي، سندن سڀ حرڪتون مفادن جون ٽڪراءُ آهن، هو چاهين ٿا ته کين اڪثريت ملي ۽ امپائرن جو مُدو وڌايو وڃي، واضح ٿي ويو آهي ته قاضي فائز عيسيٰ لنڊن پلان جو حصو هو، هن قوم سان دوکو ڪيو آهي.
عمران خان چيو ته سندن نوَ مئي ۽ اٺ فيبروري واريون درخواستون قاضي فائز عيسيٰ نه ٻڌي، پر پي ٽي آءِ جون چار سيٽون گهٽائي ڇڏيون، هر حربو استعمال ڪري سندن جون سيٽون گهٽايون پيون وڃن، سندن ڪا به پٽيشن نه پئي ٻڌي وڃي سڀ ڪجهه وائکو ٿي ويو آهي.
پي ٽي آءِ باني چيوته ٿرڊ امپائر سندن پٺڀرائي ڪري رهيو آهي ان جو مدو به وڌايو ويندو، هي هڪ گروپ ٺهيل آهي، نيب ترميمن وارو ڪيس هلي رهيو تڏهن به چيو پر اسان کي نه ٻڌو ويو.
عمران خان چيو ته عداليا تي حملي خلاف خيمس تي احتجاج ڪيو ويندو، خميس تي اسان جو پنهنجو احتجاج آهي ۽ ڇنڇر تي راولپنڊي ۾ جلسو ڪنداسين، اجازت نه ڏني وئي ته احتجاج ڪيو ويندو، ماتحت عداليا مڪمل طور تي انهن جي ڪنٽرول ۾ آهي، جيڪو جج ڪنٽرول ناهي ٿيندو اِهو بدلي ڪيو ويندو آهي، جج نوَ مئي جي ڪيسن جو فيصلو ڏيڻ لڳو ته ان کي به تبديل ڪيو ويو .
هن چيو ته بدقسمتي سان ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي خبرن جون هيڊلائينز ٺهنديون آهن، دنيا ۾ ڪٿي به فوجي آفيسر جي مقرريءَ تي خبرون ناهن ڇپنديون، ائين رڳو اسان جي ملڪ ۾ ٿيندو آهي، جيتوڻيڪ سندن سياست ۾ ڪو به ڪردار ناهي هوندو.
عمران خان وڌيڪ چيو ته پاڪستان مڪمل طور پوليس اسٽيٽ بڻجي چڪو آهي، هي اِها مارشل لا آهي جيڪا ضياءَ الحق ۽ مشرف جي مارشل لا کان به سخت آهي، مشرف جي دور ۾ وڏا وڏا جلسا ڪيا پر ڪڏهن به اسان سان ائين نه ٿيو.
واضح ٿي ويو ته فائز عيسيٰ لنڊن پلان جو حصو هو، هن قوم سان دوکو ڪيو آهي: عمران خان
You might also like