لاهور ( ويب ڊيسڪ) انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيو ويندو.
ذريعن موجب، فاسٽ بالر خرم شهزاد فٽ آهي ۽ هو انگلينڊ خلاف سليڪشن لاءِ دستياب وندو، خرم شهزاد کي انگلينڊ خلاف سيريز کي نظر ۾ رکندي چيمپيئنز ون ڊي ڪپ نه کيڏايو ويو.
خرم شهزاد بنگلاديش خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ دوران انجري جو شڪار ٿي ويو هو، سندس سموريون طبي رپورٽون ڪليئر آيون آهن.
پي سي بي ذريعن موجب، فاسٽ بالر عامر جمال جي نالي تي به غور ويچار ڪيو ويندو، عامر جمال به چيلهه جي انجري مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري چڪوآهي، هن چيمپيئنز ون ڊي ڪپ جون ٻه ميچون پڻ کيڏيون آهن.
عامر جمال فٽنس مسئلن سبب بنگلاديش خلاف سيريز ۾ حصو نه وٺي سگهيو هو، کيس ڪائونٽي ڪرڪيٽ دوران انجري ٿي هئي.
واضح رهي ته پاڪستان ٽيم ٽيسٽ سيريز لاءِ ٻه آڪٽوبر تي ملتان ۾ رپورٽ ڪندي جڏهن ته انگلينڊ جي ٽيم به ٻه آڪٽوبر تي پاڪستان پهچندي.
You might also like