روهت شرما جي اثاثن جا تفصيل سامهون اچي ويا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) روهت شرما جي ڪپتاني ۾ ڀارتي ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۽ ايشيا ڪپ سميت ڪيئي ڪاميابيون ماڻيون آهن، ڪاميابين ۾ جتي روهت کي شهرت جي بلندين تي پهچايو، اتي سندس مالي اثاثن ۾ به تمام گهڻي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ شاندار ڪارڪردگي کانپوءِ ٽيم کي هڪ سئو پنجويهه ڪروڙ ڀارتي رپين جي انعام سان نوازيو.
ورلڊ چيمپيئن بڻجڻ کانپوءِ روهت شرما مختصر فارميٽ واري ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو، ڪجهه مهينا اڳ سامهون آيل رپورٽ ۾ روهت شرما جي اثاثن جي ماليت گذريل سال جي ابتڙ گهٽ ڄاڻائي وئي هئي.
گذريل سال ڀارتي ميڊيا تي شيئر ٿيندڙ رپورٽ ۾ ڀارت جي اسٽار ڪرڪيٽر جي ڪُل دولت ٽيهه ملين آمريڪي ڊالرز يعني ٻه سئو اٺيتاليهه ڪروڙ ڀارتي رپيا ڄاڻائي وئي هئي.
پر هلندڙ سال جولاءِ ۾ سامهون آيل هڪ رپورٽ ۾ روهت شرما جي دولت 214 ڪروڙ ڀارتي رپيا ٻڌائي وئي هئي.
حقيقت ۾ روهت شرما جي اثاثن جي ماليت ڪيتري آهي؟ هن رپورٽ ۾ ان حوالي سان تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي.
روهت شرما کي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ڪيتري پگهار ڏيندو آهي؟
ڀارتي ٽيم جي هڪ اهم رانديگر جي حيثيت سان روهت شرما اي پلس گريڊ جي رانديگرن جي فهرست ۾ شامل آهي جنهن تحت بي سي سي آءِ سان روهت شرما جو ست ڪروڙ ڀارتي رُپيا ساليانو جي حساب سان ڪانٽريڪٽ طئي ٿيل آهي.
برانڊز جي مشهوري
روهت شرما اٽڪل اٺاويهه برانڊز جي مشهوري ڪري رهيو آهي جن ۾ مشهور برانڊز شامل آهن، پرڏيهي ميڊيا موجب، اشتهارري انڊورسمينٽ مان روهت شرما اٽڪل پنج ڪروڙ ڀارتي رپيا ڪمائيندو آهي.
ڪارن جي ڪليڪشن
روهت شرما آٽو موبائيل جو تمام گهڻو شوق رکي ٿو وٽس موجود ڪارن جي ڪليڪشن ۾ اسڪواڊو لورا، ٽويوٽا فارچيونر، بي ايم ڊبليو ايڪس ٿري، مرسڊيز ۽ ايم فائيو بي ايم ڊبليو ايم فائيو، ( فارمولا ون ايڊيشن ) جهڙيون مهانگهيون گاڏيون شامل آهن.
روهت جي ملڪيت ڪيتري آهي؟
روهت شرما ممبئي جي پوش علائقي آهوجا ٽاورز جي 29 هين ماڙ تي رهائش پذير آهي، ڀارتي ڪپتان اِهو گهر 2015ع ۾ خريد ڪيو هو جنهن جي ماليت هاڻي ٽيهه ڪروڙ ڀارتي رپيا آهي.
واضح رهي ته روهت شرما 2022 کان 2024ع تائين ٽنهي فارميٽس ۾ ڀارتي ٽيم جي قيادت ڪئي ۽ سندس ڪپتاني ۾ ڀارتي ٽيم دنيا جي مضبوط ترين ٽيمن ۾ شمار ٿيڻ لڳي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.