آئين ٺاهڻ وارن اليڪشن ڪميشن کي ادارو بڻايو، هو چاهين ته ختم به ڪري سگهن ٿا: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيوته آئين ٺاهڻ وارن اليڪشن ڪميشن کي ادارو بڻايو ۽ هو چاهين ته ختم به ڪري سگهن ٿا.
سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب اليڪشن ٽربيونلز جي جوڙجڪ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران سلمان اڪرم راجا ۽ چيف جسٽس وچ ۾ مڪالمو ٿيو.
ٻڌڻي دوران وڪيل سلمان اڪرم راجا موقف اختيار ڪيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي اليڪشن ڪميشن کي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي ها، لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڪو به فيصلو ڏيڻ کانسواءِ سپريم ڪورٽ معاملو ختم نٿي ڪري سگهي.
سلمان اڪرم راجا جي دليلن تي چيف جسٽس چيو ته اسان عدالتي فيصلن تي ڀاڙيون يا آئين تي؟ عدالت آئين جي پابندي آهي، ڪهڙي جج ڪهڙو فيصلو ڏنو ان سان منهنجو ڪجهه نه وڃي.
چيف جسٽس سلمان اڪرم کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان پنهنجي مرضيءَ جا جج ٽربيونلز لاءِ چاهيو ٿا؟ جڏهن لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ مشاورت ٿي چڪي آهي ته وڌيڪ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ اوهان چاهيو ته ٽربيونلز وارو معاملو ختم ئي نه ٿئي.
ان تي سلمان اڪرم چيو ته هاءِ ڪورٽ جو حڪم ڪالعدم يا برقرار رکڻ کانسواءِ هي ڪيس ختم نه ٿيندو، اليڪشن ڪميشن وٽ اختيار ناهي ته ڪهڙو جج ڪهڙو ٽربيونل ڪيس ٻڌندو، عدالتي فيصلن بدران رڳو آئين تي عملدرآمد ٿيندو ته ملڪ ۾ مسئلا پيدا ٿيندا.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته آئين ٺاهڻ وارن جي دانائي هوندي آهي، آئين انتهائي ڏکيو ڪتاب آهي جيڪو رڳو هڪ داناهه شخص ئي سمجهي سگهي ٿو، آئين ٺاهڻ وارن اليڪشن ڪميشن کي ادارو بڻايو، هو چاهين ته ختم به ڪري سگهن ٿا، في الحال اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ادارو آهي، جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ اليڪٽورل ڪم شروع ڪندو ته ڇا ٿيندو؟
ان کانپوءِ عدالت پنجاب ۾ اليڪشن ڪميشن ٽربيونل جي جوڙجڪ بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو بعد ۾ ٻڌايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.