سون جو اگهه تاريخ جي بلند ترين سطح پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سون جو اگهه تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون يارنهن سئو رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک ٽيهتر هزار رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، پاڪستان ۾ اِها سون جي بلند ترين سطح آهي، جڏهن ته ڏهه گرام سون 943 رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 34 هزار 53 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 11 ڊالرز واڌ بعد 2 هزار 6 سئو 28 ڊالرز في اونس ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.