ارسا ترميم خلاف جسقم جو سنڌو ڪنارن تي احتجاج، گل ورکا ڪري ڀيٽا

ڪراچي(نمائندا/ پ ر) سنڌو درياھ مٿان ڊيم، ڪينال ۽ ارسا ۾ ترميم ڪرڻ خلاف  جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) جي سڏ تي ڪارڪن سنڌو درياءُ جي ڪنارن تي نڪري آيا، سنڌو درياھ ۾ گل جي ورکا ڪري ڀيٽا پيش ڪئي ۽ ڊيمن خلاف نعريبازي ڪئي، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته سنڌو درياھ تي پهريون حق سنڌ جو آهي تنهن ڪري ڪو به ڊيم قبول ناهي، سنڌو درياءُ جي بقا ۽ سلامتي لاءِ هر جدوجهد ڪنداسين، هن چيو ته پاڻي ورڇ جي اداري ارسا ۾ ترميمون سنڌ کي ملندڙ پاڻي لاءِ نقصانڪار آهي، پاڻي معاهدن جي ڀڃڪڙي آهي، هن چيو ته ارسا کي 1991ع پاڻي ٺاھ مطابق سنڌ کي پاڻي ڏيڻ گهرجي، جنهن ٺاھ مطابق ارسا کي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 10 ايم ايف پاڻي ڏيڻو آهي، جنهن تي عمل نٿو ٿئي، جنهن سبب ٺٽي، سجاول، بدين جون لکين ايڪڙ زمين سمنڊ پائي ويو آهي، ڄامشوري ۾ جسقم جي مرڪزي ترجمان ديدار شام، ضلعي صدر محمد سومر جمالي، عبدالرشيد ڏيٿو، ايڊووڪيٽ نواب بڙڊي، فيصل مستوئي، رياض ناريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ڪارڪنن المنظر وٽ پهچي سنڌو درياهه جي ڊائون اسٽريم ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي قومي راڳي وقار ملاح قومي شاعري پيش ڪري سنڌو درياهه کي گلن جي ڀيٽا پيش ڪئي، مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه جي پاڻي تي سنڌ ۽ سنڌين جو ئي حق آهي ارسا ايڪٽ تحت پاڻي جي ورڇ واري فارمولي تي عمل ڪيو وڃي، سڪرنڊ ويجهو سنڌو درياءَ مڏ منگلي بچاءَ وٽ جسقم اڳواڻن پاران سنڌو درياءَ کي ڀيٽا طور رت جا ڏيئا ٻاري گلن جي ورکا ڪري گيتن ذريعي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي جسقم جي ترجمان آصف رضا مگسي، مسعود شاهه، شعبان ماٽي، عارف خاصخيلي ، طارق سمون، مورڙيو مير بحر، برڪت جلباڻي، قربان ٻنڀ، سچل ملاح ، راجا موجن زئونر ، شبير مگسي ۽ سوين ڪارڪنن پاران سنڌو درياءَ تي ٺهندڙ 6 ڪئنالن خلاف احتجاج ڪري سخت نعريبازي ڪئي. مٽياري ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي جسقم اڳواڻن رشيد ڏيٿو، سجيل سنڌي، مظهر انڙ، شهزاد سنڌي ۽ ٻين خطاب ڪيو، لاڙڪاڻي ۾ جسقم ۽ جساف ضلعي طرفان قائد عوام پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ اطهر سومرو، عزيز الرحمان شيخ، مختيار پنهور، شاهجهان ڪلهوڙو، بشير جتوئي، صفدر جتوئي، فراز کهاوڙ، جي ايم وڳڻ، يعقوب عارباڻي، آصف اوڍو ۽ ٻين خطاب ڪيو، گھوٽڪي ۾ ڪارڪنن ريلي ڪڍي سنڌو درياهه جي بند تي پھچي گلن جي ڀيٽا پيش ڪئي، ان موقعي تي محبوب گھوٽو، رمضان ڪلوڙ، من فقير گھوٽو، لطيف ميراڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو، گڊو ۾ جسقم ڪارڪن سنڌو درياھ تي گل نچاور ڪري والي ڏنو سبزوئي، شرف الدين مزاري، نصيب الله مزاري، رفيق لاشاري، مهتاب مزاري ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.