ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڪالهه سومر ڏينهن تي پينل آف چيئرمين ريحانه لغاري جي صدارت هيٺ ٿي گذريو. اجلاس دوران صوبائي وزير ايڪسائيز شرجيل انعام ميمڻ پاران صوبي ۾ منشيات تي ضابطي بابت ترميمي بل ايوان ۾ پيش ڪيو ويو، جنھن کي گڏيل طور تي منظور ڪيو ويو، ان کان اڳ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين نجم مرزا اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي.ان موقعي تي قانون جي مقصد تي روشني وجهندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صدر آصف علي زرداري منشيات خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي چونڊيل عوامي حڪومت جو پختو عزم آهي ته سماج مان منشيات جي لعنت جو مڪمل صفايو ڪيو ويندو. ايوان پاران سمورن ميمبرن کان سھڪار جي درخواست ڪندي چيو ويو ته اسيمبلي جو هر ھڪ ميمبر پاڻ کي منشيات جو وزير سمجهي ان جي روڪٿام لاءِ ڪوششون وٺي. هن چيو ته نارڪوٽڪس ڊپارٽمينٽ اينٽي نارڪوٽڪس لاءِ جيڪا به ضرورت آهي اها فراهم ڪندو ڇو ته اسان نوجوان نسل کي صحيح رستي تي هلائڻو آهي ۽ کيس منشيات کان بچائڻو آهي. هن چيو ته جتي به منشيات جي ڄاڻ ملندي ته اتي سخت ڪارروائي ڪنداسين، ان حوالي سان اسان سڀني کي پنهنجو فرض ادا ڪرڻو پوندو. هن چتاءُ ڏنو ته منشيات جي واپار ۾ ملوث ڪير به هجي چاهي ڪيترو به بااثر هجي، فرار نه ٿيندو، انھن مافيائن خلاف ايندڙ ڏينهن ۾ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.ايوان جي ڪارروائي دوران قانون سازي واري مملڪتي وزير ضياءُ الحسن لنجار ڊائريڪٽر جنرل، آبپاشي، ورڪس اينڊ سروسز ۽ ٻين کاتن جون آڊٽ رپورٽون پڻ پيش ڪيون.آڊيٽر جنرل جي رپورٽ سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ڏانهن موڪلي وئي. سنڌ اسيمبلي جي پارلياماني سيڪريٽري صنعت ۽ واپار علي احمد جان چيو ته بجلي جي بحران سبب صنعتڪار سخت پريشان آهن، سنڌ حڪومت صنعتڪارن سان هر ممڪن تعاون ڪري رهي آهي. ايم ڪيو ايم ميمبر عبدالباسط سوال ڪيو ته سنڌ ۾ سيمنٽ ۽ ٽيڪسٽائل ملون ڇو بند ڪيون ويون؟ مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سوال ڪيو تھ 2018ع کان 2023ع تائين صوبي ۾ ڪيتريون نيون صنعتون قائم ٿيون ۽ ڪيتريون بند ٿيون آھن، پر منهنجي سوال جو جواب اڃا تائين ناھي مليو. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته صنعتن بابت جيڪو سوال ڪيو ويو آهي، اهو غلط آهي. هتي ڪنهن جي به ٽيسٽ نه ٿي رهي آهي،.جنهن بعد سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڱاري ڏينهن 2 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.