ڪيئي واهپيدار واٽس ايپ تي اڻڄاتل نمبرن تان ايندڙ پيغامن سبب پريشان رهندا آهن.
ڪيئي ڀيرا پيغام ڪنهن اهڙي دوست جا هوندا آهن جن جو نمبر اوهان وٽ نه هوندو آهيپر گهڻي قدر اِهي اسپام ميسجز هوندا آهن جيڪي مارڪيٽنگ ڪمپنيون يا فراڊي ماڻهن طرفان اُماڻيا ويندا آهن.
واٽس ايپ واهپيدارن لاءِ ان حوالي سان هڪ سٺي خبر آهي ته ميٽا جي ملڪيت پيغام رسائيندڙ ايپ ۾ ان جو حل پيش ڪيو پيو وڃي.
ان ڏس ۾ واٽس ايپ جي بيٽا ورزن ۾ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي جيڪو اڻڄاتل اڪائونٽس طرفان آيل پيغام بلاڪ ڪري ڇڏيندو.
ان لاءِ بيٽا ورزن واهپيدارن کي واٽس ايپ سيٽنگز ۾ پرائيويسي سيڪشن ۾ وڃي اتي ايڊوانسڊ تي ڪلڪ ڪري بلاڪ ميسجز فرام ان نون اڪائونٽس وارو آپشن اِن ايبل ڪرڻو پوندو.
ائين ڪرڻ کانپوءِ اڻڄاتل اڪائونٽس طرفان آيل سمورا پيغام پاڻمرادو بلاڪ ٿي ويندا.
پر اِهو فيچر اوپرن ماڻهن جا سمورا پيغام بلاڪ نه ڪندو پر ان کي اسپام ميجسز جي روڪٿام لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي.
ڪمپني موجب، نئون فيچر هڪ عارضي بچاءُ طور ڪم ڪندو، خاص طور تي ان وقت جڏهن واهپيدارن کي اوپرن ماڻهن طرفان تمام گهڻا ميسجز ايندا.
هڪ ڀيرو جڏهن ميسجز جو طوفان ماٺو ٿي ويندو ته پوءِ اِها سيٽنگ انهن ميسجز کي بلاڪ نه ڪندي، يعني في الحال ان کي اسپام پيغام روڪڻ جو اثرائتو ذريعو قرار ڏيڻ درست نه هوندو پر اميد آهي ته مستقبل ۾ فيچر کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو.
ڪمپني طرفان في الحال اِهو فيچر بيٽا ورزن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي، اميد آهي ته فيچر تمام جلد سمورن واهپيدارن لاءِ دستياب هوندو.
You might also like