اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي آرڊيننس تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تحت ججز ڪميٽي جو اجلاس ٿيو.
ذريعن موجب جسٽس منصور علي شاهه ججز ڪميٽي ۾ شرڪت بنا هليو ويو، هن ترميمي آرڊيننس تي خدشن جو اظهار ڪيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس امين الدين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
واضح رهي وفاقي ڪابينا مان منظوري کانپوءِ صدر آصف علي زرداري پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس تي صحيحون ڪيون هيون، جنهن کانپوءِ اهو لاڳو ٿي ويو.
پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي سيڪشن 2 جي ذيلي شق هڪ موجب ايڪٽ ڪميٽي ڪيس مقرر ڪندي، ڪميٽي چيف جسٽس، سينيئر ترين جج ۽ چيف جسٽس جي نامزد جج تي ٻڌل هوندي.
پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس تحت جسٽس منيب اختر 3 رڪني ججز ڪميٽي کان ٻاهر ٿي ويو هو ۽ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سندس جاءِ تي جسٽس امين الدين خان کي ڪميٽي ميمر نامزد ڪيو هو.
Prev Post
You might also like