اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ججز ڪميٽي جي اجلاس ۾ 63 اي نظرثاني درخواستون ۽ آڊيو ليڪ ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو.
ذريعن موجب سپريم ڪورٽ ججز ڪميٽي جي اجلاس ۾ 63 اي نظرثاني درخواستون 30 سيپٽمبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪندي.
ذريعن موجب بئنچ ۾ جسٽس منيب اختر، جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس مظهر عالم ميان خيل شامل هوندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آڊيو ليڪ ڪيس لاءِ به 5 رڪني لارجر بئنچ جوڙي وئي آهي، جنهن جي سربراهي جسٽس منصور علي شاهه ڪندو، جڏهن ته بئنچ ۾ جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس مرت هلالي شامل آهن.
ذريعن موجب آڊيو ليڪ ڪيس ايندڙ هفتي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي، جسٽس منيب اختر کي آڊيو ليڪ ڪيس ۾ سندس ذڪر ٿيڻ تي بئنچ ۾ شامل نه ڪيو ويو.
You might also like