عظمي بخاري وڊيو ڪيس، عدالت مان اهم خبر اچي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ عظميٰ بخاري فيڪ وڊيو ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڊي جي ايف آءِ اي جي غيرحاضري تي کيس ٽريول هسٽري سميت طلب ڪري ورتو.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عاليا نيلم عظميٰ بخاري جي اڻوڻندڙ فيڪ وڊيو خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ سرڪاري وڪيل ۽ عظميٰ بخاري جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران جسٽس عاليا نيلم پڇاڻو ڪيو ته ڊي جي ايف آءِ اي ڪٿي آهي؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل آگاهه ڪيو ته هو سرڪاري سطح تي گڏجاڻي لاءِ چين ويل آهي.
چيف جسٽس چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي ڊي جي ايف آءِ اي پاڻ پيش ٿئي، بورڊنگ پاسز ۽ ٽريول هسٽري پيش ڪئي وڃي، پنهنجي ڊي جي کي ٻڌائجو ته عدالت سان کيڏڻ ايترو سولو ناهي، ايف آءِ اي کي عادت آهي ماڻهن کي آفيس گهرائي پڪرڻ جي، پاڻ آفيس کان ٻاهر ناهن نڪرندا.
ان کانپوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ٽيهه سپٽيمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.