ٽن ورهين کان مسلسل نظرانداز ٿيندڙ محمد عباس خاموشي ٽوڙي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ ) ٽيسٽ ڪرڪيٽر محمد عباس چيو آهي ته پاڪستان جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ تيز ترين پنجاهه وڪيٽون حاصل ڪندڙ فاسٽ بالر آهيان پر قومي ٽيم مان ڊراپ ڇو ٿيس ان جو جواب پي سي بي سليڪشن ڪميٽي ئي ڏئي سگهي ٿي.
نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي محمد عباس چيو ته ست سئو کان وڌيڪ فرسٽ ڪلاس وڪيٽون حاصل ڪندڙ پاڪستان جو ڇهون ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ تيز ترين پنجاهه وڪيٽون وٺندڙ فاسٽ بالر آهيان.
هن چيو ته 2021 ۾ ڪلهي جي انجري ٿي پر ان باوجود کيڏندو رهيس، سيالڪوٽ کان لاهور اين سي اي ۾ ري هيب لاءِ شفٽ ٿيس، انجري مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري چڪو آهيان، هاڻ بلڪل فٽ آهيان، فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهيان، ٽن سالن کان فاسٽ بالر طور ناهيان کيڏيو پر هاڻي به ٻي بهترين ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي بالنگ ايوريج آهي.
محمد عباس چيو ته هن کي قومي ٽيم جي اسڪواڊ مان ڊراپ ڪيو ويو پر مستقبل ۾ ان حوالي سان ٻڌايو ويو ته جڏهن ته پي سي بي طرفان سينٽرل ڪانٽريڪٽ يافته رانديگرن کي ورڪ لوڊ بابت پلان ڏنو ويندو آهي.
ٽيسٽ ڪرڪيٽر چيو ته قومي ٽيم مان ڊراپ ڇو ٿيس؟ پي سي بي سليڪشن ڪميٽي ئي جواب ڏئي سگهي ٿي، ڊراپ ٿيڻ کانپوءِ پي سي بي چيئرمين ڪال ڪري چيو ته اوهان جي بالنگ جي رفتار گهٽجي وئي آهي، ڪڏهن 140 في ڪلاڪ جي رفتار سان بالنگ ناهي ڪئي، شروع کان سيم بالر هئس، اڳوڻو آسٽريلوي فاسٽ بالر گلين ميگرا ۽ محمد آصف 145 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان بالنگ نه ڪندا هئا.
محمد عباس چيو ته سٺي ڪرڪيٽ لاءِ سٺين پچز جو هئڻ ضروري آهي، ٽيسٽ ڪرڪيٽ جون پچز اهڙيون هئڻ گهرجن جنهن ۾ بيٽرن، فاسٽ بالرن ۽ اسپنرن کي مدد ملي، هر فاسٽ بالر جون مختلف صلاحيتون هونديون آهن، منهنجو بال پِچ تي ڪرڻ کانپوءِ تيز ٿي ويندو آهي.
ريڊ بال ڪرڪيٽ بابت سندس چوڻ هوته جهڙي طرح وائيٽ بال وائيٽ بال ڪرڪيٽ ائين ئي ريڊ بال ڪرڪيٽ تي به ڌيان ڏيڻو پوندو، ريڊ بال ڪرڪيٽ سان ئي رانديگر جي فٽنس ۽ صلاحيتن جو پتو پوندو آهي، ڊگهي فاريمٽ واري ڪرڪيٽ کيڏڻ واري پليئر لاءِ وائيٽ بال ڪرڪيٽ پريشان ناهي ڪندي.
محمد عباس آءِ سي سي کي درخواست ڪئي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي وڌيڪ ٽيسٽ ميچون ڏنيون وڃن ڇو ته پاڪستان کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ميچون به تمام گهٽ ملن ٿيون ۽ پاڪستاني رانديگر ريڊ بال ڪرڪيٽ گهٽ کيڏي رهيا آهن.
ڪائونٽي چيمپيئن شپ بابت سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۽ انگلينڊ جي ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ تمام وڏو فرق آهي، ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ سهولتون وڌيڪ آهن، چيمپيئن شپ جو ڇهه مهينا اڳ ئي شيڊيول تيار ڪري موڪليو ويندو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ علائقائي ڪرڪيٽ تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.