”تاريخ شاهد آهي ٻنهي ملڪن سدائين هڪٻئي تي ڀروسو ڪيو“ چيني صدر جو وزيراعظم کي سالگرهه تي خط

بيجنگ ( ويب ڊيسڪ ) چيني صدر شي جن پنگ، وزيراعظم شهباز شريف کي سندس سالگرهه تي مبارڪ جو خط لکيو آهي.
چيني صدر خط ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي سالگرهه تي مبارڪ پيش ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
چيني صدر طرفان خصوصي طور تي اماڻيل خط پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جي مضبوطيءَ طرف هڪ غير معمولي اڳڀرائي آهي.
خط جي متن موجب، چيني صدر جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ چين ڏک سک ۾ اسٽريٽجڪ سهڪار جا ڀائيوار آهن، تاريخ شاهد آهي ته ٻنهي ملڪن هميشه هڪٻئي تي ڀروسو ڪيو ۽ هميشه هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو.
خط ۾ چيني صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهڙو مضبوط رشتو قائم ٿيو جنهن تي بدلجندڙ عالمي منظرنامون ڪڏهن به اثرانداز نه ٿيو.
چيني صدر خط ۾ لکيو ته پاڪ-چين لاڳاپن جي مضبوطي هن لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي.
چيني صدر طرفان وزيراعظم شهباز شريف کي لکيل خط ۾ وڌيڪ چوڻ هو ته چين پاڪستان اسٽريٽجڪ سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ سي پيڪ جي تعمير لاءِ ساڻن گڏ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.