ڪيس جو فريادي شهيد ٿي چڪو آهي، خاندان جو ٻيو فرد فريادي ٿئي: درخواست

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ جسقم چيئرمين شھيد بشير خان قريشي کي زھر ڏئي مارڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جيئي سنڌ قومي محاذ جي شھيد چيئرمين بشير خان قريشي جي شھيد ڀاءُ مقصود قريشي پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي پنهنجي وڪيل يوسف لغاري سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو. جسٽس ذوالفقار علي سانگي جي عدالت ۾  شھيد بشير خان جي خاندان جي وڪيل يوسف لغاري موقف اختيار ڪيو ته شھيد بشير خان قريشي جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ سندس جسم مان فاسفورس جا جزا نڪتا هئا. جنهن مان اھو ثابت ٿئي ٿو ته کيس زھر ڏئي ماريو ويو هو ان ڪري سندس قتل جي ايف آءِ آر اڳوڻي گھرو وزير رحمان ملڪ ۽ ان وقت جي حساس ادارن جي عملدارن تي داخل ڪئي وڃي. ايڊووڪيٽ يوسف لغاري عدالت ۾ اھا به استدعا ڪئي ته ڪيس جو فريادي به شھيد ٿي ويو آهي. ان ڪري عدالت اجازت ڏئي ته ڪيس ۾ خاندان جو ٻيو فرد فريادي ٿئي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 10 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ٻڌڻي بعد عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته اسين 2012ع کان عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون. اڄ شھيد بابا بشير خان قريشي جي ڪيس جي ٻڌڻي ھئي ان ڪري عدالت ۾ حاضر ٿيا آھيون. 10 آڪٽوبر تي ڪيس جي ٻڌڻي رکي وئي آهي ان ۾ به حاضر ٿينداسين. شھيد بابا کي سنڌ سان محبت جي ڏوھه ۾ شھيد ڪيو ويو. جڏهن ته شهيد بابا جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پٽيشن جي پٽيشنر منهنجي چاچي مقصود خان قريشي کي ساڙي شهيد ڪيو ويو پر انصاف نه مليو. شھيد مقصود قريشي، شھيد سليمان وڌو جو ڪيس اسين ڌرتي جي عدالت ۾ وجھون ٿا. اميد ڪيون ٿا ته ڌرتي جي عدالت اسان سان انصاف ضرور ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.