ڪراچي جي بجلي واهپيدارن لاءِ بُري خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي واهپيدارن لاءِ بجلي وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي.
ڪي اليڪٽرڪ طرفان بجلي واهپيدارن تي واڌو بار وجهڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، ڪمپني بجلي جي قيمت ۾ 51 پئسا في يونٽ واڌ لاءِ نيپرا ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي، جنهن تي نيپرا 3 آڪٽوبر تي ٻڌڻي ڪندي.
ڪي اليڪٽرڪ طرفان بجلي اگهن ۾ واڌ آگسٽ جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ گهري وئي آهي، جيڪا منظور ٿيڻ جي صورت ۾ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي هڪ ارب رپين کان وڌيڪ جو بار پوندو.
نيپرا ڪي اليڪٽرڪ طرفان جولاءِ جي ايف سي اي جو فيصلو اڃا تائين جاري ناهي ڪيو، جنهن ۾ ڪي اليڪٽرڪ جولاءِ مهيني لاءِ 3 رپيا 9 پئسا في يونٽ واڌ گهري هئي.
جولاءِ جي ايف سي اي جي درخواست تي نيپرا 29 آگسٽ تي ٻڌڻي ڪئي هئي، جولاءِ جي ايف سي اي جي مد ۾ واهپيدارن تي 6 ارب 20 ڪروڙ 36 لک رپين جو بار پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.