مولانا فضل الرحمان راضي نه ٿيو ته ڇا ٿيندو؟ بلاول ڀٽو پلان بي ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ جو ڪو به شهري عدالتي نظام مان مطمئن ناهي، آئيني سڌارا تمام گهڻو ضروري آهن.
هڪ انٽرويوءَ ۾ پ پ چيئرمين چيوته مولانا فضل الرحمان کي جلد هڪ پيج تي آندو ويندو.حڪومت جي ڪارڪردگي مان هو مطمئن آهن پر وفاقي ڪابينا ۾ شامل نه ٿيندا.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ باني کي جيل ۾ سائيڪل ملي ٿي، سندن وزيراعظم کي چيو ويو ته سپريم ڪورٽ تائين بنا سڪيورٽي پنڌ اچو.
پ پ چيئرمين چيو ته آئين سازي واري معاملي ۾ جي يو آءِ جو هميشه هاڪاري ڪردار رهيو آهي، مولانا فضل الرحمان راضي نه ٿيو ته هو پنهنجا نمبر پورا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.
بلاول ڀٽو چيو ته ڪي پي ڪي ۾ حالتن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ذميواري صوبائي حڪومت جي آهي، ڪي پي ڪي ۾ خراب صورتحال تي گڏيل اجلاس گهرائي بريفنگ ڏني وڃي.
پ پ چيئرمين چيو ته آئيني سڌارا ضروري آهن، اهو ڪم تمام گهڻو اڳ ٿيڻ گهرجي ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.