اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) قومي اسيمبلي ۾ پارٽي پوزيشن تبديل، پي ٽي آءِ ميمبر سني اتحاد ۾ شامل ڪيا ويا، قومي اسيمبلي ۾ پارٽي پوزيشن تبديل ٿي وئي، نئين پارٽي پوزيشن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي 80 ميمبرن کي سني اتحاد ڪائونسل جو ميمبر قرار ڏنو ويو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل نئين پارٽي پوزيشن ۾ مسلم ليگ ن، پ پ ۽ جي يو آءِ کان واپس ورتل سيٽن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، نئين پارٽي پوزيشن 18 سيپٽمبر تي جاري ڪئي وئي آهي. اعلان موجب قومي اسيمبلي ۾ حڪومتي بينچن تي مسلم ليگ (ن) کي 110 ۽ پيپلز پارٽي وٽ 69 سيٽون آهن، جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان کي 22، ق ليگ کي 5، آئي پي پي کي 4، مسلم ليگ ضياءَ، بلوچستان عوامي پارٽي ۽ نيشنل پارٽي وٽ 1-1 ميمبر آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب حڪومتي بينچن تي 20 مخصوص سيٽن کان علاوه 213 ميمبر آهن، جڏهن ته مخالف ڌر جي بينچن تي سني اتحاد ڪائونسل جا 80، جي يو آءِ جا 8، پي ٽي آءِ جا حمايتي يافته 8 آزاد ميمبر ، پي ڪي ميپ ، بي اين پي مينگل ۽ ايم ڊبليو ايم جو هڪ هڪ ميمبر آهي. مخالف ڌر جي بينچن تي ويٺل هڪ آزاد ميمبر ن ليگ ۾ شامل ٿي ويو آهي.سيڪريٽريٽ موجب مسلم ليگ (ن) کي 15، پيپلز پارٽي کي 5 ۽ جي يو آءِ کي 3 مخصوص سيٽون ڏنيون ويون، پر ڳڻپ ۾ مخصوص سيٽون شامل ناهن، قومي اسيمبلي ۾ 23 کانسواءِ ميمبرن جو انگ 313 آهي. پي ٽي آءِ کي 23 خالي ۽ تڪراري سيٽون ڏيڻ بعد انگ 336 ٿي ويندو.