چيف جسٽس کي رٽائرمينٽ تي وڃڻ گهرجي: بئريسٽر علي ظفر

لاهور (ويب ڊيسڪ) سينيٽر بئريسٽر علي ظفر چيو آهي ته آئين موجب سينيئر ترين کي چيف جسٽس مقرر ڪيو وڃي ۽ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي رٽائرمينٽ تي وڃڻ گهرجي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.
بئريسٽر علي ظفر چيو ته اسان پنهنجي عهدي ۽ اداري کي غلط استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين، ڪوشش آهي ته جمهوريت کي نقصان نه پهچي، اسان جي ڪوشش آهي ته آئين کي مضبوط بڻايو وڃي، عدليه جي آزادي کي برقرار رکيو وڃي.
جلسي جي حوالي سان پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته احتجاج ڪرڻ هر شهري جو بنيادي حق آهي، پنجاب حڪومت ڪهڙي قانون تحت جلسي جي حق کان روڪي رهي آهي؟ جيڪڏهن حڪومت اجازت نه ڏني ته هو پنهنجو حق استعمال ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.