اي سي سي 40 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪاميٽي تاجڪستان کي 40 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ کانسواءِ ايندڙ سال جنوري تائين مقامي گهرجن کان وڌيڪ ذخيري سان وڌيڪ هڪ لک ٽن برآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ناڻي وزارت جي پڌرائي موجب ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو.
وفاقي وزير چيو ته آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ کانپوءِ اسان ميڪرو اڪنامڪ استحڪام جو رستو نٿا ڇڏي سگهون، ميڪرو اڪنامڪ استحڪام نئون دي هاءِ جين آهي جيڪو معيشت جي عمارت کي مضبوطي ۾ بنيادي سر جو ڪم انجام ڏئي ٿو.
اجلاس دوران گهرو وزارت طرفان قبائلي علائقن ۾ 8 عورت مرڪز قائم ڪرڻ لاءِ 456 ملين ٽيڪنيڪل سپليمينٽري گرانٽ جي منظوري ڏني وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.