لنڊن ۾ هر ڪلاڪ ۾ جنسي زيادتي جو واقعو رپورٽ، صورتحال خوفناڪ قرار

لنڊن (ويب ڊيسڪ) لنڊن ۾ هر ڪلاڪ ۾ جنسي زيادتي جو واقعو رپورٽ ٿيو، گذريل سال 8 هزار 800 کان وڌيڪ ريپ جون شڪايتون داخل ڪرايون ويون.
پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل سال لنڊن ۾ 4 هزار 300 ٻارن جو ريپ ٿيو ۽ انهن تي جنسي حملو ڪيو ويو، متاثرن جي مدد ڪندڙ چيريٽيز صورتحال کي خوفناڪ قرار ڏئي ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽن موجب چيريٽيز زيادتي جي واقعن جي اصل شرح وڌيڪ هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل سال ريپ کانسواءِ جنسي ڏوهن جون تقريبن 11 هزار رپورٽون داخل ٿيون، جنسي ڏوهن جو نشانو بڻجندڙ چوٿون حصو متاثرن جي عمر 18 سالن کان گهٽ هئي.
ميديا رپورٽن موجب سال 2018 کان 2023 تائين جنسي ڏوهه 14 سيڪڙو وڌي 20 هزار تائين وڃي پهتا.
ريپ ڪرائسز موجب هر 6 مان هڪ عورت زيادتي جي رپورٽ داخل ڪرائيندي آهي ۽ هر 5 مان هڪ مرد ريپ رپورٽ داخل ڪرائيندو آهي، جڏهن ته ٻين ڏوهن جا متاثر هر 4 مان هڪ شڪايت ڪندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.